آمريڪي تاريخي صدارتي چونڊ ۾ چوٽيءَ جو مقابلو، هيلري ڪلنٽن کي ٽرمپ تي معمولي سرسي

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي تاريخي صدارتي چونڊ ۾ چوٽيءَ جو مقابلو، هيلري ڪلنٽن کي ٽرمپ تي معمولي سرسي. تفصيل موجب عالمي سپر پاور ملڪ جي 45 هين صدر جو تاج هيلري يا ڊونلڊ ٽرمپ تي پوندو ؟ 10 سالن کان پوءِ ٿيندڙ اليڪشن ۾ سخت مقابلي واري صورتحال پيدا ٿي وئي. آمريڪي رياست گوام ۾ هيلري ڪلنٽن کي فتح ملي، 7 پولنگن جي نتيجن موجب هيلري ڪلنٽن کي 46 سيڪڙو ۽ ٽرمپ کي 42 سيڪڙو ووٽرن جي حمايت حاصل آهي. جڏهن ته صدارتي چونڊ کٽڻ لاءِ ٽوٽل 538 اليڪٽورل ووٽن مان 270 اليڪٽورل ڪالج ووٽ حاصل ڪرڻ ضروري هوندو، جيڪڏهن اميدوار گهربل ووٽ حاصل نه ڪري سگهيا ته معاملو ايوان ۾ ويندو ڊونلڊ ٽرمپ کي صدارتي تاج پائڻ لاءِ اتر ڪيرولينيا جو ميدان هر صورت ۾ ماڻڻو پوندو، ڪنهن به رياست ۾ ناڪامي 270 اليڪٽورل ووٽن تائين سندس پهچ کي ڏکيو بڻائي سگهي ٿي. اهڙي طرح هيلري ڪلنٽن لاءِ به ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي ڏانهن لاڙو رکندڙ رياستن پنسلوانيه، مشي گن ۽ وسڪونسن ۾ اڳوڻي ڪاميابي تي برقرار رکڻ وڏو چيلينج هوندو، اليڪشن کان اڳ سروي موجب هيلري کي ٽرمپ تي 4 پوائنٽس جي برتري هئي. ڊونلڊ ٽرمپ اليڪشن مهم ختم ٿيڻ کان پوءِ به هڪ ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته هيلري بدعنوان عورت آهي، عوام کيس ووٽ نه ڏي. هوڏانهن آمريڪي صدر باراڪ اوباما چيو آهي ته هيلري ڪلنٽن ڄاڻي ٿي ته عوام جي خدمت ڪيئن ڪرڻي آهي، ٽرمپ ٽوئٽس نٿو هلائي سگهي، ملڪ ڪيئن هلائيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *