واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي ٽيڪس جا پيسا آمريڪا جي دوستن کي امداد جي صورت ۾ ڏنا ويندا. اسٽيٽ آف دي يونين کي پنهنجي پهرين خطاب ۾ آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ”افغانستان ۾ آمريڪي فوج نئين ضابطن سان وڙهي رهي آهي، مصنوعي ڊيڊ لائنز ٻُڌائي افغانستان ۾ دشمنن کي هوشيار ٿيڻ نه ڏيندا سين. گڏئي هن زور ڏنو ته ڪانگريس يقيني بڻائي ته داعش ۽ القاعده خلاف جنگ ۾ اسان دهشتگردن کي گرفتار ڪري سگھون. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته پرڏيهه مان گرفتار ڪيل دهشتگرن سان دهشتگردن وارو سلوڪ ڪرڻ گھرجي. ان موقعي تي آمريڪي صدر بدنام جيل گوانتانا موبي کي به کليل رکڻ جو اعلان ڪيو. پنهنجي خطاب دوران ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هن يروشلم کي اسرائيل جو راڄڌان تسليم ڪيو پر جنرل اسيمبلي ۾ آمريڪا خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته اسان جي خلاف ووٽ ڏيندڙن کي آمريڪي امداد ڏني وئي. گڏئي هن چيو ته ”واعدو ڪريون ٿا ته آمريڪي ٽيڪس جا پيسا آمريڪا جي دوستن کي ئي ڏنا ويندا، دشمنن کي نه ملندا“. هن چيو ته گذريل سان هن شدت پسند تنظيم داعش جي خاتمي جو عزم ڪيو هو، پر داعش کي شڪست ڏيڻ تائين وڌيڪ قدم باقي آهن. آمريڪي صدر چيو ته فخر آهي ته داعش خلاف اتحاد عراق ۽ شام ۾ 100 سيڪڙو حصو آزاد ڪرائي ورتو. هن چيو ته اتر ڪوريا جي معاملن تي اڳوڻي انتظاميا واريون غلطيون ورجايون نه وينديون. گڏئي هن روس ۽ چين کي آمريڪي فائدن لاءِ خطرو قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آمريڪا کي پنهنجن ايٽمي هٿيارن کي ايترو جديد ۽ طاقتور بڻائڻو هوندو جو ڪنهن به ملڪ جي جارحيت کي روڪي سگھن. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ ايران جي حوالي سان به ڳالهايو ۽ چيائين ته جڏهن ايراني عوام ڪرپٽ حڪمرانن خلاف آواز اُٿاريو ته هن سندن ساٿ ڏنو. هن ڪانگريس تي به زور ڏنو ته ايٽمي معاهدي ۾ خاميون ختم ڪيون وڃن. ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو ته ڪانگريس کي گھرجي ته اميگريشن نظام ۾ اهي ڪوتاهيون ختم ڪريو جن سان ڪرمنل گينگ ملڪ ۾ ايندا آهن، سندس چوڻ هو ته ”گينگز ملڪي قانون جي ڪمزور رخن جو فائدو ورتو“. سندس چوڻ هو ته کليل سرحدن سبب اسان جي گھٽ آمدن واري طبقي کي نقصان ٿيو، کليل سرحدن جو مطلب ملڪ ۾ منشيات ۽ گينگز جي آمد آهي. هن منشيات وڪڻيندڙن خلاف قانون وڌيڪ سخت ڪئي وڃڻ تي به زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ميمبر ڪانگريس سياست هڪ پاسي رکن ۽ ڪم مڪمل ڪن. گڏئي هن شهرين کي پيغام ڏنو ته محنت ڪريو، آمريڪا تي يقين رکو، هر شئي حاصل ڪري سگھجي ٿي. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجو خطاب شروع ڪرڻ کان اڳ آمريڪي هيروز کي ڀيٽا پيش ڪئي. هن عام آمريڪين جي تعريف ڪئي ۽ ويلڊرز، امدادي ڪارڪنن ۽ فائر بريگيڊ جي عملي جي ڪوششن کي ساراهيو.