آمريڪي اخبار جو سعودي ولي عهد محمد بن سلمان بابت اهم انڪشاف

رياض (م ڊ) سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل کان هڪ سال اڳ سعودي عرب ولي عهد محمد بن سلمان مبينا طور تي پنهنجي مخالفن کي خاموش ڪرائڻ واري ڳجهي مهم جي منظوري ڏني هئي. آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائمز سعودي عرب دستاويز کي پڙهندڙ آمريڪي اختيارين جو حوالو ڏيندي چيو ته ان مهم تحت مبينا طور تي سعودي عوام جي نگراني، اغوا، گرفتاري ۾ رکڻ سان گڏوگڏ هنن کي تشدد بڻائڻ به شامل آهي. آمريڪي اختيارين سعودي عرب جي ان منصوبي کي “سعودي ريپڊ انٽروينشن گروپ” قرار ڏنو آهي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجهه ڳجها مشن انهيءَ ٽيم ميمبرن انجام ڏنا جنهن  آڪٽوبر ۾ استنبول جي سعودي سفارتخاني ۾ جمال خاشقجي کي قتل ڪيو هو ۽ دعويٰ ڪئي ته صحافي جو قتل پنهنجي مخالفن جو آواز دٻائڻ جي مهم جو حصو هو. واشنگٽن پوسٽ ۾ ڪالم لکندڙ سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل تي سعودي عرب کي سموري دنيا پاران سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو ۽ آمريڪي سينيٽرن صدر ٽرمپ کان مطالبو ڪيو هو ته هو ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪري جيتوڻيڪ هن ان تجويز تي عمل نه ڪيو هو. آمريڪي ڳجهڻ ادارن جي سربراهن سيينٽرن کي بريفنگ ڏيندي چيو هو ته هنن کي ان ڳالهه تي يقين آهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، صحافي جمال خاشقجي جي قتل ۾ ملوث آهي، جيتوڻيڪ سعودي عرب ان کان انڪار ڪندو رهيو آهي. شروعاتي رپورٽ تي سعودي عرب چيو هو ته ان کي جمال خاشقجي بابت ڪا به خبر نه آهي پر عالمي سطح تي دٻاءُ  وڌڻ  بعد سعودي عرب چيو هو ته صحافي ايجنٽن هٿان قتل ٿيو  ۽ ان کان پوءِ سعودي عرب هنن تي فرد جرم لاڳو ڪيو هو. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو هو ته ريپڊ انٽڙوينشن گروپ گذريل سال گرفتار ڪيل عورتن کي ذهني اذيت جو نشانو بڻائڻ ۾ پڻ مصروف آهي ۽ اها ئي ٽيم جون مهيني ۾ ان حد تائين مصروف هئي جو ٽيم سربراهه ولي عهد جي صلاحڪار کان مطالبو ڪيو هو ته سندس ٽيم کي عيدالفطر جو بونس ڏنو وڃي. سعودي عرب اهڙي ڪنهن به ٽيم جي موجودگي جي تصديق يا ترديد کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان گروپ کي سڀئي اختيار محمد بن سلمان ڏنا آهن ۽ شاهي عدالت جي ميمبر سعود القحطاني ان جي نگراني ڪري رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *