اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آمريڪا ۾ وزير اعظم عمران خان طرفان القاعده ۽ فوجي تربيت بابت ڏنل بيانن جي وضاحت ٿيڻ گهرجي.قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيو، ان موقعي تي پرڏيهي وزير جون اختياريون به پيش ٿيون.اجلاس دوران پرڏيهي وزير جي اختيارين والاريل ڪشمير جي صورتحال تي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته وادي ۾ ڀارت طرفان پيلٽ گنز جو استعمال ڪيو ويو جڏهن ته اُتي اسڪول مڪمل طور تي بند آهن.بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته 7 هزار ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن جڏهن ته هاڻ ڀارت وٽ قيدين کي رکڻ جيتري به جاءِ ناهي ۽ ڪجهه ماڻهن کي گرفتاري کان پوءِ ڀارت جي ٻين ماڳن تي وٺي وڃڻو پيو.پرڏيهي وزير جي اختيارين ٻڌايو ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي، گڏوگڏ ئي هن ٻڌايو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وادي جون حالتون خراب ٿيڻ کان اڳ ئي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري کي خط لکي خدشن کان آگاهه ڪيو هو.هن ٻڌايو ته آمريڪا جي ڪجهه سينيٽرن، ڪانگريس ميمبر ۽ ٻيا اڳواڻ ڀارت کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن، ان کان اڳ ڀارت تي ايتري تنقيد ناهي ٿي.عمران خان جي آمريڪي دوري تي اختيارين جو چوڻ هو ته وزير اعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪيتريون ئي اهم ملاقاتون ڪيون.ان بريفنگ دوران بلاول ڀٽو سوال ڪيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي 58 ملڪن جي حمايت حاصل آهي ته 18 سيپٽمبر تي ڇو وڃايو؟ جنهن تي پرڏيهي وزارت جي اختيارين ٻڌايو ته ٺهراءُ پيش ڪرڻ ايترو سولو ناهي، اِهو هڪ ٽيڪنيڪي معاملو آهي اسان سمجهيو ته هي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو مناسب وقت ناهي.