آمريڪا کي جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته ذميواري جج تي هوندي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (اين اين آءِ) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سفري پابندي جي معطلي جي عدالتي حڪم کان پوءِ عدالت تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۾ ڪجهه ٿيو ته ان جي ذميواري ان جج جي هوندي جنهن ان جو حڪم نامو معطل ڪيو آهي پرڏيهي خابرو اداري مطابق ان سفري پابندين جي معطلي جي عدالتي حڪمن کان پوءِ عدالت تي تنقيد ڪندي سرحدي علائقن کي هدايت ڏني ته هو آمريڪا ايندڙ ماڻهن جي محتاط طريقي سان جاچ ڪري هن چيو ته عدالتون اسان جوڪم ڏکيو ڪري رهيون آهن ۽ جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته ان جي ذميواري ان جج تي لاڳو ٿيندي پنهنجي ٽوئٽس ۾ صدر ٽرمپ چيو ته مان هوم لينڊ سيڪيورٽي کي هدايت ڪئي آهي ته هو اسان جي ملڪ ۾ ايندڙ ماڻهن جي محتاط طريقي سان جاچ ڪن يقين نٿو اچي ته هڪ جج ملڪ کي خطري ۾ وڌو آهي جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته ان کي عدالت کي ذميوار ٺهرائينداسين. ماڻهو ملڪ ۾ اچي رهيا آهن اهو تمام خراب آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *