آمريڪا پاڪستان کي ٽشو پيپر جيان استعمال ڪندو آهي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آمريڪا پسڪتان کي ٽشو پيپر جيان استعمال ڪندو آهي ۽ ٽرمپ پاڪستان بابت جي ڀارت ٻولي ڳالهائي رهيو آهي. روسي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته آمريڪا جي ننڍڙي امداد پاڪستان کي ڪيتري مهانگي پئي ۽ آمريڪي جنگ ۾ شرڪت تي پاڪستان کي 70 هزار  جانين جو نقصان کڻڻو پيو، آمريڪي امداد اسان جي نقصانن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهي. هن چيو ته آمريڪي جنگ ۾ شرڪت تي پرڏيهي ڪرڪيٽ ٽيمن پاڪستان اچڻ ڇڏيو، آمريڪا پاڪستان کي ٽشو پيپر جيان استعمال ڪندو آهي. ٽرمپ پاڪستان بابت ڀارت جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ افغانستان جي تاريخ ناهي سمجهي رهيو، افغانستان جو مسئلو فوجي طاقت سان حل ڪرڻ وارو فارمولو هميشه ناڪام رهيو. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو ڇو ته افغانستان ۾ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. پاڪ ڀارت لاڳاپن تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ امن ڪشمير مسئلي جي حل سان ئي ايندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *