اسلام آباد: (بيورو) آمريڪا ڀارت کي جنگي جهاز ايف 16 بابت ڄاڻ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب آمريڪي اختيارين ڀارتي اخبار(انڊين ايڪسپريس) کي ٻڌايو ته جڏهن اسان کي ڀارت طرفان اها خبر ملي ته 27 فيبروري تي پاڪستان ايف 16 جهاز استعمال ڪيا آهن ته اسان ڀارتي اختيارين تي واضح ڪري ڇڏيو ته ان حوالي سان اسان اوهان کي ڪابه معلومات نٿا ڏئي سگهون ڇو ته اهو پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل معاملو آهي. جنهن کان پوءِ عالمي سطح تي ڀارت کي هڪ دفعو ٻيهر ذلت ۽ خواريءَ جو منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي.ياد رهي ته ڀارتي ميڊيا ڀارت جي 27 فيبروري تي پاڪستان طرفان ڀارتي جنگي جهاز مگ ٽوئنٽي ون ڪيرائڻ بعد آمريڪا کان ايف 16 جهاز بابت ڄاڻ شيئر ڪرڻ جي درخواست ڪئي. آمريڪي اختيارين ڀارتي درخواست کي رد ڪندي چيو ته ايف 16 جهاز پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل معاملو آهي.آمريڪي مئگزين موجب پاڪستان جي دعوت تي آمريڪي اختيارين پاڪستاني ايف 16 جهازن جي ڳڻپ ڪئي ۽ سمورا جهاز موجود هئا، ڪو به پاڪستاني ايف 16 جهاز گم نه هو، ڀارتي حڪومت عالمي برادريءَ سان غلط بياني ڪئي.آمريڪي اختيارين موجب پاڪستان تي ايف 16 جهازن جي استعمال بابت ڪابه پابندي ناهي هو جڏهن چاهي جنگي جهاز کي استعمال ڪري سگهي ٿو.