واشنگتن (اين اين آءِ) آمريڪا دهشتگردن جي معاونت جي الزام ۾ ٽن پاڪستانين جا نالا دهشتگردن جي لسٽ ۾ وجهي ڇڏيا پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي ناڻي وزارت رحمان زيب فقير محمد، حزب الله استم خان، دلاور خان جا نالا بليڪ لسٽ ۾شامل ڪيا تنهي ماڻهن تي پاڪستان ۽ افغانستان ۾ انتهاپسند گروپن کي مالي ۽ لاجسٽڪ مدد فراهم ڪرڻ جو الزام آهي رپورٽ مطابق ٽئي ڄڻا شيخ امين الله سان واسطو رکندا هئا جن جو نالو 2009 کان عالمي دهشتگردن جي بليڪ لسٽ ۾شامل آهي امريڪي عملدارن جو الزام آهي ته شيخ امين الله پشاور ۾ گنج مدرسي کي القاعده، طالبان، لشڪر طيبه جي تربيتي ۽ ڀرتي مرڪز ۾ تبديل ڪيا آمريڪي ناڻي کاتي مطابق رحمان زيب، خليجي رياست ۾ لشڪر طيبه لاءِ فنڊ گڏ ڪندو هو جڏهن ته هن 2014 ۾ شيخ امين الله کي خليجي ملڪن جي سفر دوران لاجسٽڪ مدد به فراهم ڪئي.