آمريڪا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

واشنگٽن ( م ڊ ) آمريڪا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين خلاف عالمي سطح تي تحقيقات ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.  والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت تي آمريڪا به رپورٽ جاري ڪري ڪئي. جنهن ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن جي تنظيم پاران تيار ڪيل 2018ع جي رپورٽ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي .  آمريڪا جي جاري ڪيل رپورٽ موجب ڀارتي فوج 2016ع کان 2018ع تائين 145 بي ڏوهه ڪمشيرين کي شهيد ڪيو، جولائي 2016ع کان آگسٽ 2017ع ۾ 17 ڪشميري پيلٽس گن سان شهيد ٿيا.  رپورٽ موجب سال 2018ع  ۾ قومي ۽ عالمي انساني حقن جي تنظمين پاران پيلٽس گن جي استعمال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو. والاريل ماٿري ۾ پيلٽ گن جي استعمال سان 6 هزار 2 سئو 21 ڄڻا زخمي ٿيا. جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارتي فوج طرفان بنا ڪنهن ڪيس جي ڪشميرين کي ٻه سالن لاءِ جيل موڪليو ويندو آهي ۽ کين گهرڀاتين سان ملاقات به ناهي ڪرائي ويندي.  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مارچ 2016ع کان آگسٽ 2017ع تائين هڪ هزار کان وڌيڪ ڪشميري ڪاري قانون تحت جيلن ۾ قيد آهن، جن ۾ اڌ کان وڌيڪ ڪشمير جا سياستدان آهن. ماٿري ۾ ڀارت پاران قانون کي برقرار رکڻ جي نالي تي ڪنهن به بي ڏوهه شهري کي گرفتار ڪيو ويندو آهي. رپورٽ موجب والاريل ڪشمير ۾ جاري مزاحمتي تحريڪ کي مقامي حمايت حاصل آهي، جولائي 2016ع کان فيبروي 2017ع جي وچ ۾ 51 ڄڻا شهيد ۽ 9 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا جڏهن ته سال 2018ع ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ڇهه سئو کان وڌيڪ درخواستون جمع ڪرايون ويون. آمريڪي رپورٽ موجب ڀارتي فوج گم ٿيل ماڻهن بابت معلومات ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي جڏهن ته ڀارتي فوج ۽ پوليس قيدين جي گهرڀاتين کان رشوت به وٺندا آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *