آمريڪا مسلمانن ۾ انتشار جو فائدو وٺندي ايڏو وڏو قدم کنيو آهي: نويد قمر

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبليءَ ۾ آمريڪي سفارتخاني جي بيت المقدس منتقلي خلاف گڏيل طور قرارداد منظور ڪئي وئي آهي. پارليامينٽ ۾ پ پ اڳواڻ سيد نويد قمر بحث جي شروعات ڪندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن دنيا جي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي، آمريڪا مسلمانن ۾ انتشار جو فائدو وٺندي ايڏو وڏو قدم کنيو، ٽرمپ جي ان قدم دهشتگردي خلاف پاليسي جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا آهن. سندس چوڻ هو ته اهو هڪ گريٽ گيم جو حصو آهي، جنهن تحت قدم کنيو ويو، ڏسڻو پوندو ته آمريڪا سان لاڳاپا وڌائيندڙ وچ اوڀر جا ملڪ ڪهڙو موقف ٿا اختيار ڪن، وچ اوڀر ۽ ڪجهه اسلامي ملڪ ته آمريڪا کي شيطان بزرگ چوندا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *