آمريڪا ماضي جيان افغانستان کي نظرانداز نه ڪري:شاهه محمود قريشي

واشنگٽن(م ڊ)پاڪستان چيو آهي ته آمريڪا، افغانستان مان فوجين جي نيڪالي ۽ پنهنجي سڀ کان طويل جنگ ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي به وڃي ته ان کي افغانستان جي نئين سر جوڙجڪ سان سلهاڙيل رهڻ گهرجي.واشنگٽن ۾ آمريڪي سينٽر فار اسٽريٽجڪ اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آمريڪا کي خبردار ڪيو ته ٻيهر افغانستان کي نظر انداز نه ڪيو، جيئن ته 1989ع ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جي حمايت يافته ويڙهاڪن جي دٻاءَ ۾ سويت فوج جي نيڪالي کان پوءِ ڏٺو ويو هو، هن چيو ته 80 واري ڏهاڪي کي نه ورجايو وڃي.پرڏيهي خابرو ادري جي رپورٽ موجب شاهه محمود قريشي جو چوڻهوج ته جيڪڏهن ڪامياب معاهدو ٿي به وڃي ته چيلينج برقرار رهندا ان ڪري آمريڪا، ان جي دوستن ۽ اتحادين کي وڌيڪ ذميواري سان نيڪالي ڏيندو.اپرڏيهي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان کي افغانستان سان سلهاڙيل رهڻ گهرجي، ويڙهه جي لاءِ نه پر نئين سر جوڙجڪ لاءِ.شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته هن افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار، وچ اوڀر ۾ تازي ڇڪتاڻ ۽ ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي غير قانوني لاڪ ڊائون تي ڳالهيون ڪيون ويون.ان کان سواءِ واشنگٽن ۾ پرڏيهي وزير آمريڪي انڊر سيڪريٽري دفاع جان رووڊ سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جي دفاعي سهڪار جي مختلف رخن سان گڏوگڏ علائقائي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون.پرڏيهي کاتي طرفان جاري بيان موجب انڊر سيڪريٽري پرڏيهي وزير کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار جي حوالي سان بريف ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *