واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا لشڪر طيبه جي سينيئر ڪمانڊر کي خاص طور تي عالمي دهشتگرد نامزد ڪري ڇڏيو، گڏوگڏ پابندي مڙهيل تنظيم جي لاءِ فنڊ جمع ڪرائيندڙ ٻين 2 ماڻهن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. ميڊيا جي رپورٽن موجب عالمي دهشتگرد قرار ڏنل ڪمانڊر جي سڃاڻپ عبدالرحمٰن الدخيل سان ٿي آهي ۽ ان تي 1997ع کان 2001ع جي وچ ۾ ڀارت ۾ ٿيل حملن ۾ ملوث هئڻ جو الزام آهي. اهڙي ريت فنڊ جمع ڪرائيندڙن جي سڃاڻپ حميد الحسن ۽ عبدالجبار جي نالن سان ٿي، جن تي مبينا طور تي فلاح انسانيت فائونڊيشن (ايف اي ايف) جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو الزام آهي، جنهن کي آمريڪا طرفان لشڪر طيبه جو ئي هڪ حصو سمجهيو ويندو آهي. ٻئي پاسي آمريڪي اسٽيٽ ۽ ناڻي واري کاتي طرفان الڳ الڳ اعلان ۾ اِها دعويٰ ڪئي وئي ته اِهي ٽئي پاڪستان جا شهري آهن. ان حوالي سان آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته اڄوڪي نامزدگين ۾ عبدالرحمان الدخيل طرفان دهشتگردي جي حملن ۽ انهن جي منصوبابندي جي لاءِ استعمال ٿيندڙ وسيلن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.