تهران (ويب ڊيسڪ) امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين کان پوءِ ايران هڪ ٻئي جوهري ميزائل جو تجربو ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران بليسٽڪ ميزائل کان پوءِ جوهري هٿيار کڻي ويندڙ ڪروز ميزائل جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن جو تجربو جلد ئي ڪيو ويندو. ايران جي اهڙي قدم تي امريڪا ۽ اسرائيل پاران سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي جڏهن ته راڪيٽ جي باري ۾ چيو ويو آهي ته روس ڪي ڪي ايڇ 55 ڪروز ميزائل جي نظام کي وڌيڪ بهتر ڪيو آهي جيڪو ايران کان اسرائيل تائين مار ڪري ۽ سامونڊي جهاز سان گڏوگڏ هوائي جهاز ۽ آبدوز سان به لانچ ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.