دبئي ( م ڊ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان جي پاليسين سبب پاڪستان وچ اوڀر ۾ واپس آيو آهي، اسان ايندي ئي ڪرتارپور سرحد کولي اسان جي امن جي پاليسي آهي، جنهن سان ملڪ جي عوام کي فائدو ٿيندو. دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان جي اندروني مسئلن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، سويلين ادارن کي بهتر ۽ مضبوط ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پ پ ۽ مسلم ليگ ن تي ڪرپشن جا الزام اسان نه هنيا، پاڪستان جي اندروني سياست ۾ عمران خان يا پي ٽي آءِ کي ڪو به خطرو ناهي، ڪوشش آهي ته پاڪستان کي دنيا لاءِ کوليو وڃي، چاهيون ٿا ته ماڻهو سياست ۽ ڪاروبار لاءِ اچن، ويزا پاليسي جو جائزو وٺي سولو بڻايو آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت جو فوڪس امارات ۽ ٻين وچ اوڀر جي ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ آهي، ڪجهه سالن ۾ وچ اوڀر جي سياست ۾ ڪردار گهٽ ٿي رهيو هو، اسان امارات ۽ سعودي عرب سان سٺا لاڳاپن جي ڪوششن ۾ آهيون.