واشنگٽن: (م ڊ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته واشنگٽن دوري کانپوءِ آمريڪا سان لاڳاپا سچائي ۽ ڀروسي تي ٻڌل هوندا.وزيراعظم عمران خان جي ڪيپيٽل هل پهچڻ تي آمريڪي ڪانگريس ميمبر طرفان شاندار استقبال ڪيو ويو. آمريڪي ڪانگريس ميمبر اردو ۾ وزيراعظم عمران خان کي ڀليڪار چيو ۽ سلام ۽ شڪريو ادا ڪيو.وزيراعظم عمران خان آمريڪي ڪانگريس ميمبرن کي خطاب ۾ چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مائيڪ پومپيو کي ٻڌايو ته اسان کي هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪرڻو پوندو.هن جو چوڻ هو ته آمريڪا ۾ پاڪستان جي باري ۾ غلط فهمي ملندي هئي، آمريڪا دوري جو مقصد هتان جي ماڻهن کي پاڪستان جي باري ۾ صحيح آگاهي فراهم ڪرڻ هو، ماضي جي حڪومتن آمريڪا کي زميني حقيقتن کان صحيح آگاهه نه ڪيو.عمران خان جو چوڻ هو ته آمريڪا کي واضح طور ٻڌائينداسين ته افغان امن عمل ۾ اسان ڇا ڪري سگهون ٿا، اها اميد نه رکي وڃي ته سڀ ڪجهه آسان هوندو پر افغان امن عمل ۾ اسان ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.هن چيو ته پورو ملڪ ۽ سيڪيورٽي فورسز سڀ حڪومت سان گڏ آهن، آمريڪا سميت اسان سڀني جو هڪ ئي مقصد آهي ته افغانستان مسئلي جو جلد کان جلد حل ڳوليو وڃي.عمران خان جو چوڻ هو ته اسان آمريڪا جي جنگ پاڪستان ۾ وڙهي رهيا آهيون، هزارين پاڪستانين ان جنگ ۾ قربانيون ڏنيون ۽ اربن جو نقصان ٿيو. هن جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان پاڻ دفاعي پوزيشن تي هئاسين، اسان کان ڊومور جو مطالبو ڪيئن پيو ڪري سگهجي.امريڪي نمائندن جي ايوان جي اسپيڪر نينسي پلوسي چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم پاڪستان جي خدمتن کي سلام پيش ڪريون ٿا.هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا انتهائي اهم آهن ۽ آمريڪا ۾ ڪيترائي پاڪستاني ڊاڪٽرز خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن. آمريڪي ڪانگريس ميمبر شيلا جيڪسن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي.