آمريڪا روس سان ايٽمي هٿيارن جو معاهدو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (اين اين آءِ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا روس سان ايٽمي هٿيارن بابت هڪ تاريخي معاهدي تان هٿ کڻي ويندو، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته روس 1987 جي انٽر ميڊينٽ رينج نيوڪليئر فورس ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، 1987 ۾ سويت اڳواڻ ميخائل گوربا چوف ۽ آمريڪي صدر رونلڊ ان معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون، معاهدي تحت زمين کان وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائيلن تي پابندي آهي، اهو فاصل 5 سئو کان ساڍا 5 هزار ڪلوميٽر آهي، صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪا روس کي ان هٿيارن جي اجازت نه ڏيندو، جڏهن ته اسان کي ان جي اجازت نه آهي، نويڊا ۾ هڪ ريلي کانپوءِ صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته مون کي خبر نه آهي ته صدر اوباما ان تي ڇو نه ڳالهه ٻولهه ڪئي، هو ڪافي سالن کان ان جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن، 2014 ۾ اڳوڻي صدر اوباما روس تي آءِ ايم ايف جي خلاف ورزي جو الزام مڙهيو، جڏهن هن مبينا طور زمين کان مار ڪندڙ هڪ ڪروز ميزائيل جو تجربو ڪيو هو، اوباما مبينا طور تي ان ٺاهه تان هٿ نه کڻڻ جو فيصلو يورپي اڳواڻن جي دٻاءَ تي ڪيو هو، جن جو چوڻ هو ته ائين ڪرڻ سان هٿيارن جي ڊوڙ شروع ٿي سگهي، روس جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب روسي پرڏيهي وزارت جي ذريعن آمريڪا جي ان قدم کي واحد قطبي دنيا جو خواب جو نتيجو قرار ڏنو آهي، جتي رڳو هڪ ئي سپر پاور هجي، آمريڪا جو اسرار آهي ته روسين ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪندي نويٽر نائين ايم سيون ٽو نائين نالي وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائيل تيار ڪيو آهي، جيڪو نيٽو ۾ ايس ايس سي 8 جي نالي سان سڄاتو وڃي ٿو ان جي مدد سان روس نيٽو ملڪن کي تمام گهٽ وقت ۾ نشانو بڻائڻ جي ڪابل ٿي سگهي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *