واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا صدارتي چونڊن ۾ مداخلت ۽ سائبر حملن جو الزام هڻي روس جي ڳنجهي ايجنسي سميت 5 ادارن ۽ 19 شخصيتن تي پابنديون مڙهي ڇڏيون. برطانوي خابرو اداري موجب آمريڪي ناڻي واري کاتي 19 روسي شخصيتن ۽ پنج ادارن تي پابنديون مڙهي ڇڏيون آهن جن ۾ روس جي انٽيليجنس سروسز به شامل آهي. آمريڪي ناڻي واري سيڪريٽري اسٽيو موچن چيو ته روسي حڪوتم جي آمريڪا کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سرگرمين جي آڙ ۾ وڌيڪ پابنديون به لڳايون وينديون. آمريڪي ناڻي واري سيڪريٽري روسي شخصيتن ۽ ادارن تي مڙهيل پابندين جو ڪو به ٽائيم فريم ٻڌايو البت هن چيو ته انهن پابندين کان پوءِ روسي شخصيتن ۽ ادارن جو آمريڪي مالياتي نظام سان رابطو ڪٽجي ويندو. هن چيو ته آمريڪي انتظاميا کي روس طرفان سائبر حملن کي منهن ڏيڻو پيو پوي روس نومبر 2016 ۾ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ به مداخلت جي ڪوشش ڪئي هئي.