اسلام آباد(بيورو) آمريڪا جي نئين افغان پاليسي ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان تي الزامن خلاف قومي اسيمبلي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پرڏيهي وزير خواجا آصف ڏکڻ ايشيا تي آمريڪي پاليسي بابت قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن کي منظور ڪيو ويو. پرڏيهي وزير قومي اسيمبلي ۾ آمريڪي صدر جيالزامن بابت ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته سٺي قوم هن وقت هڪ پيج تي آهي ۽ قومي اسيمبلي 21 آگسٽ واري آمريڪي صدر ٽرمپ جي پاليسي کي رد ڪري ٿي. پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو ته آمريڪي صدر ۽ افغانستان ۾ آمريڪي ڪمانڊر جنرل جان نڪلسن جا بيان ڌمڪي واري آهن ۽ ايوان جنرل نڪلسن جي طالبان شوريٰ جي ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ موجودگي جي دعويٰ رد ڪري ٿو. قومي اسيمبلي ۾ منظور ڪيل ٺهراءَ جي متن موجب پاڪستان کي 123 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو ۽ 70 هزار ماڻهو شهيد ٿيا پر پاڪستنا جي قربانين کي نظرانداز ڪيو ويو. پرڏيهي وزير طرفان پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته هٿياربند فوج دهشتگردي خلاف جيڪي قربانيون ڏنيون ۽ جيڪا جنگ وڙهي رهيو آهي ان کي به نظر انداز ڪيو ويو آهي. ٺهراءَ موجب آمريڪا طرفان ڀارت کي بالادست بڻائڻ سان خطو عدم استحڪام کان به ويندو. آمريڪا جي نئين افغان پاليسي ۽ ملڪي پرڏيهي پاليسي تي بحث جي لاءِ ميمبر ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪيو.