آمريڪا جي پاڪستان ۾ هڪ طرفو ڪارروائي ٻطرفو لاڳاپن لاءِ ريڊ لائين هوندي: احسن اقبال

لنڊن (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو اهي ته آمريڪا جي پاڪستان ۾ هڪ طرفي ڪارروائي ٻطرفو لاڳاپن لاءِ ريڊ لائين هوندي پاڪستان کي ڊيڄارڻ ڌمڪيون ڏيڻ بي مقصد آهن پاڪستان مفادن جي خلاف ڪا سازش يا ڪوشش ڪئي ويئي ته جواب ڏنو ويندو دهشتگردي جي مسئلي جي حل لاءِ عسڪري سان گڏ سياسي حل به هئڻ گهرجي پاڪستان امن لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. امريڪي نشرياتي اداري سي اين اين کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ احسن اقبال چيو ته افغانستان ۾ ناڪامين جو ذميوار پاڪستان کي نه سمجهيو وڃي افغانستان ۾ امن لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا گڏجي ڪم ڪن. هن چيو ته آمريڪا کي ڏکڻ ايشيا ۽ افغانستان ۾ مختلف انداز سان ڏسڻو پوندو هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون پاڪستان ڏنيون ۽ گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪستان 60 هزار کان وڌيڪ جانيون ڏنيون. هن ٻڌايو ته دهشتگردن سان جنگ ۾ پاڪستاني معيشت کي 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ نقصان ٿيو ۽ هن جنگ ۾ معمولي آمريڪي امداد ملي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ آمريڪي امداد لاءِ پر عوام جي تحفظ لاءِ وڙهي گهرو وزير چيو ته دهشتگردي جي مسئلي جي حل لاءِ عسڪري سان گڏوگڏ سياسي حل به هئڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *