آمريڪا جو پاڪستان خلاف بيان: ڊونلڊ ٽرمپ جو صلاحڪار ساجد تارڙ به ميدان ۾ لهي پيو

نيويارڪ(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صلاحڪار ساجد تارڙ چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو بيان آخري لفظ ناهن هاڻ به معاملا بهتر ٿي سگهن ٿا، ٽرمپ جي ٽويٽ سبب پاڪستاني مايوس آهن جنهن سڄي دنيا ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏي آهي تنهن هوندي ڊونلڊ ٽرمپ جو بيان آخري لفظ ناهن. ساجد تارڙ چيو ته پاڪستان جي ڀيٽ ڀارت بدران بنگلاديش ۽ سريلنڪا سان ڪئي وڃي ۽ پاڪستان جي ٻٽي معيار جي ڪري آمريڪا جو ڀارت ڏانهن منهن آهي جڏهن ته آمريڪا سمجهي ٿو ته پاڪستان يا ڀارت جي مدد کان سواءِ افغانستان ۾ امن ممڪن ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ساجد تارڙ چيو ته پاڪستان جي جغرافيائي اهميت کي ڪير به نظرانداز نٿو ڪري سگهي تنهن هوندي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو فقدان اڄ ملڪ کي اتي بيهاريو آهي ۽ هو خطي ۾ ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويو. سندس چوڻ هو ته اسامه بن لادن ۽ حقاني نيٽ ورڪ جي سپورٽ تي پاڪستان دنيا کي مطمئن نٿو ڪير سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *