آمريڪا جو قانوني نظام ٽٽي چڪو آهي، ڊونلڊ ٽرمپ جي ججن تي سخت تنقيد

February 12, 2017 at 11:31 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

واشنگٽن (اين اين آءِ) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 7 مسلمان ملڪن جي خلاف لاڳو ٿيل پابندين کي معطل ڪندڙ ججن کي هڪ ڀيرو ٻيهر نشانو بڻائيندي چيو آهي ته آمريڪا جو قانوني نظام ٽٽي چڪو آهي، پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن هڪ اخبار جو حوالو ڏيندي چيو ته ان پاران پابندين جي اعلان کانپوءِ ملڪ ۾ ايندڙ پناهگيرن مان 70 سيڪڙو جو تعلق انهن ئي شڪي ملڪن سان آهي، هن ايئر فورس ون ۾ صحافين کي چيو ته سومر يا اڱاري تائين بلڪ نئون حڪم جاري ٿي سهگي ٿو، اها ڳالهه هن پنهنجي پهرين حڪم نامي جي معطل قرار ڏيندڙ جج پاران حڪم نامي جي معطل تي ٻيهر غور جي تجويز کانپوءِ ڪئي، ٽرمپ چيو ته ڪيتريون ئي معمولي تبديلون ٿينديون، جڏهن ته هن تفصيل سان ڪجهه به نه ٻڌايو، هن صحافين کي چيو ته اسان اها جنگ کٽينداسين، بدقسمتي سان ان ۾ وقت لڳي ٿو پر اسان وٽ ڪيترا ٻيا اختيارات آهن ان ۾ بلڪل نئون حڪم به شامل آهي، ٽرمپ جي ويجهن ذريعن ٻڌايو ته نئين حڪمراني ۾ عراق کي رعايت ڏئي سگهجي، جڏهن ته 6 ملڪن تي پابندي برقرار رهندي.

اي پيپر