لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان بيت المقدس کي اسرائيلي راڄڌانو تسليم ڪرڻ وارين خبرن تي گهري ڳڻتي ۽ آمريڪي عزمن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته آمريڪا طرفان او اعلان باهه سان کيڏڻ جي برابر هوندو جنهن سان سڄي دنيا جنگ جي ور چڙهي ويندي. هن چيو ته اسلام جا عالم مڪي ۽ مديني کان پوءِ بيت المقدس کي مقدس ترين خطو سمجهندا آهن ۽ سڄي دنيا جا مسلمان مسجد اقصيٰ سان عقيدت ۽ محبت رکن ٿا. سينيٽر سراج الحق ترڪ طيب اردگان ۽ محمود عباس طرفان آمريڪي اعلان رد ڪرڻ واري عمل کي ساراهيندي چيو ته مسلم دنيا جو ڪو به حڪمران ان ناپاڪ منصوبي ۾ آمريڪا جي حمايت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته عالمي برادري ۽ انصاف پسند اولهه ۽ يورپي ملڪن کي به ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي جيئن آمريڪا کي واضع پيغام ملي ته ٽرمپ طرفان اهڙي ڪنهن به ڪوشش جو ساٿ نه ويندو. هن اسلام جا عالم خاص ڪري پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري سطح تي آمريڪي اعلان جي سخت مذمت ڪئي وڃي ۽ عالمي سطح تي ان کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر قسم جا وسيلا استعمال ڪيا وڃن.