واشنگٽن (م ڊ)آمريڪا جنرل قاسم سليماني جي قتل کانپوءِ ايران سان ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ عالمي سطح تي امن قائم ڪرڻ لاءِ تهران حڪومت کي غير مشروط ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي.آمريڪي سفير ڪيلي ڪرافٽ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا، ايران سان غير مشروط سنجيده ڳالهين لاءِ تيار آهي ته جيئن عالمي امن ۽ سيڪيورٽي کي وڌيڪ خطرو نه ٿئي ۽ ايراني حڪومت وڌيڪ جارحيت نه ڪري پر آمريڪا طرفان لکيل ان خط ۾ گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت جنرل قاسم سليماني جي قتل جو بچاءُ ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته سليماني جو قتل آمريڪا پنهنجي بچاءَ ۾ ڪيو.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪا خطي ۾ پنهنجي فوج ۽ مفادن جي تحفظ خاطر ضروري قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي.ڪيلي ڪرافٽ جي خط موجب سليماني جي موت ۽ 29 ڊسمبر تي شام ۽ عراق ۾ ايران جي حمايت يافتا گروپن تي آمريڪي فضائي حملا تازي عرصي ۾ اسلامي جمهوريا ايران ۽ ايران جي حمايت يافتا مليشيا طرفان وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوج ۽ ان جي مفادن کي نشانو بڻائڻ جي ردعمل طور ڪيا ويا، انهن جو مقصد ايران کي حملا ڪرڻ يا انهن جي سپورٽ ڪرڻ کان روڪڻ ۽ حملا ڪرڻ جي صلاحيت ختم ڪرڻ آهي.