آمريڪا افغان معاهدي تي حڪومت ايوان کي اعتماد ۾ وٺي:پيپلزپارٽي جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو): پاڪستان پيپلزپارٽي آمريڪا ۽ افعان طالبان جي وچ ۾ ٿيندڙ امن معاهدي تي ايوان کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.پيپلزپارٽي جي اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته پرڏيهي وزير کي ڪالهه پريس ڪانفرنس بدران ايوان ۾ اچي بيان ڏيڻ گهرجي ها.پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان  چيو ته افغان صدر معاهدي تي سوال اٿاريا آهن، ڇا اسان آمريڪا کان چيو آهي ته هاڻ افغانستان ۾ استحڪام آڻڻ جي لاءِ ڊومور ڪري.سينيٽ ۾ خطاب ڪندي شيري رحمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان آمريڪا افغان معاهدي ۾ تمام گهڻو تعاون ڪيو، تعميري ڪردار ادا ڪيو، اهو ڪم گذريل ٻن حڪومتي دورن ۾ شروع ٿيو هو، صدر زرداري پنهنجي حلف ۾ صدر ڪرزئي کي گهرايو هو.شيري رحمان چيو ته پاڪستان جي مفاد ۾ آهي ته افغانستان ۾ امن ٿئي ان معاهدي تي ڪجهه سوال اٿيا آهن، افغان صدر اشرف غني سوال اٿاريو آهي ته ان جي هن معاهدي  ۾ شموليت نه هئي.پيپلزپارٽي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي عزت چاهينداسين، پرڏيهي وزير ان باري ۾ ايوان کي اعتماد ۾ وٺي، پاڪستان جو گذريل 10 سالن ۾ افغانستان ۾ امن آڻڻ ۾ ڪردار آهي، اسان کي هر دفعي چيو ويندو هو ته ڊومور، مون کي هر دفعي گهرايو ويندو هو.شيري رحمان چيو ته معاهدي تي صحيحون بي شڪ افغانستان ۽ اسان جي مفاد ۾ آهي.شيري رحمان چيو ته هندستان مٿي تي چڙهي چڪو آهي، افغان آئين جو ڪير تحفظ ڪندو؟ اشرف غني سان ڳالهه ڪئي وڃي، آمريڪا پنهنجي فوج ڪڍي پيو نه يا  نه ان جا تفصيل اسان وٽ هوندا، ايوان ۾ شيئر ڪيون وڃن، جيڪڏهن تفصيل ناهن ته اها ڏوهاري غفلت آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *