اسلام آباد(بيورو) آمريڪي حڪومت جي سرڪاري نگران اداري اسپيشل انسپڪٽر جنرل فار افغان ري ڪنسٽرڪشن هڪ رپورٽ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته آمريڪا افغانستان تي ضابطو وڃائي رهيو آهي. آمريڪي حڪومت جي سرڪاري نگران اداري اسپيشل انسپڪٽر جنرل فار افغان ري ڪنسٽرڪشن (سگار) افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان هڪ رپورٽ تيار ڪئي جيڪا آمريڪي ڪانگريس، بچاءَ واري کاتي ۽ پرڏيهي کاتي ڏانهن موڪلي وئي آهي. رپورٽ ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ ڪنٽرول وڃائي رهيو آهي ۽ آمريڪا جي ڪنٽرول هيٺ ضلعن جو انگ گهٽ ٿي رهيو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ انهن علائقن جو انگ وڌي رهيو آهي جن تي طالبان جو قبضو آهي. سگار جي رپورٽ موجب 2017ع ۾ بم حملن جا انگ اکر 2012ع جي ڀيٽ ۾ 3 سيڪڙو وڌيڪ آهن ۽ افغانستان ۾ آمريڪي فوجين جي جاني نقصان ۾ به واڌ ٿي جڏهن ته سپاهين کي مارڻ لڳ ڀڳ روز مرهه جو معمول آهي. گذريل 11 مهينن ۾ 11 آمريڪي فوجي مارجي ويا، آڪٽوبر ۾ افغانستان ۾ فورسز دشمنن جي653 ٿاڪن تي بم ڪيرايا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته منشيات تي ضابطي لاءِ 8 ارب 70 ڪروڙ ڊالر ڏني وئي پر ان جي باوجود گذريل سال افغانستان ۾ افيون جي پيداوار ۾ 87 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ پوست جي پوک ۾ 63 سيڪڙو واڌ ڏٺي وئي جڏهن ته افغان صوبي فرح ۾ تشدد جي واقعن ۾ واڌ ٿي رهي آهي.