آمريت جيان نئين پاڪستان ۾ به عورتن تي ڪيس هلي رهيا آهن: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آمريت جيان نئين پاڪستان ۾ به عورتن تي ڪيس هلي رهيا آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجو خاندان هن ملڪ ۾ نسلن کان وٺي سياست ڪري رهيو آهي. اسان هن ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ڏٺو.آمر ضياءُالحق سياسي مخالفن جي عورتن جي پويان پئجي ويندو هو. نئين آمرانه پاڪستان ۾ اسان اهو ٻيهر ڏسي رهيا آهيون. وڙهڻو آهي ته مردن سان وڙهو، تاريخ ياد رکندي ته انصاف جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان آمر بڻجي ويو آهي.جنهن کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي وقت مودي تي تنقيد ۽ مذمت جو آهي. پر هن وقت به اپوزيشن کان انتقام ورتو پيو وڃي. هن ماحول ۾ به سليڪٽيڊ وزيراعظم پنهنجي انا کي قابو نه پيو ڪري سگهي. عمران خان فرد جرم کان بغير مريم نواز کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ضياءُالحق جي دور ۾ عورتن تي ڪيس هلندا هئا. هاڻ نئين پاڪستان ۾ به عورتن تي ڪيس هلي رهيا آهن جيڪو افسوس جوڳو عمل آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *