آمدن کان وڌيڪ اثاثا ڪيس: طلبي باوجود پرويز مشرف ۽ سندس گهرواري نيب ۾ پيش نه ٿيا

اسلام آباد(بيورو) بدعنواني ۽ اربين رپين جي اثاثن واري ڪيس ۾ پرويز مشرف ۽ سندس گهرواري طلبي باوجود نيب ۾ پيش نه ٿيا. تفصيل موجب پرويز مشرف جي خلاف بدعنواني ۽ اربين رپين جي اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي نيب آفيس راولپنڊي ۾ ٿي. پرويز مشرف جي خلاف ڪرنل ريٽائرڊ انعام الرحيم ايڊووڪيٽ درخواست ڏئي رکي آهي جنهن ۾ پرويز مشرف تي آمدن کان وڌيڪ اربين رپين جا اثاثا بڻائڻ جو الزام اهي ۽ انهن الزامن تي جواب جي لاءِ نيب راولپنڊي پرويز مشرف کي گهرواري سميت اڄ طلب ڪري رکيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *