اسلام آباد(بيورو): فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم تحريڪ انصاف جي منشور تحت سول سروسز ۾ اصلاح آڻڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، آفيسرن کي هاڻ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ترقي ملندي.وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته سول سروسز ۾ اصلاح شروع کان موجود فرسوده نظام ۾ تبديلي ۽ پاڪستان جي نيئن روشن مستقبل جي لاءِ اهم ثابت ٿيندي.هن چيو ته ترقيءَ جا معيار تبديل ڪيا ويا آهن، نااهلي جي حوصلاشڪني ۽ اهليت جي حوصلاافزائي ٿيندي، هاڻ ڪنهن ماڻهوءَ جي خوشنودي يا ڪنهن سياسي خاندان جي خدمت ڪرڻ ترقيءَ جو معيار نه هوندو.