آغا رفيع الله نيشنل هاءِ وي تي قائم سسئي ٽول پلازه تي عوامي شڪايتن تي ڇاپو هنيو، ڇاپي وقت ٽول انتظاميه ۾ ٿرٿلو مچي ويو

ملير(ڊ ر) پيپلز پارٽي جي ايم اين اي آغا رفيع الله نيشنل هاءِ وي تي قائم سسئي ٽول پلازه تي عوامي شڪايتن تي ڇاپو هنيو، ڇاپي وقت ٽول انتظاميه ۾ ٿرٿلو مچي ويو. انتظاميه واقعي واري هنڌ تان ڀڄي وئي. ايم اين اي ٽول پلازه تي گاڏين کي روڪڻ وارا لڪڙا کولرائي ڇڏيا. ۽ ٽول ويجهو آفيس تي وڃي ڪري انتظاميه کان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي قانون تحت ٽول اوڳاڙيو وڃي ٿو ۽ مقامي ماڻهن کي تنگ ڪيو پيو وڃي جنهن تي ٽول انتظاميه جي انچارج فيض اوٺو، ايم اين اي آغا رفيع الله کي ڪاغذ ڏيکاريا ۽ ٻڌايو ته ورڪس اينڊ سروس کاتي جي حڪم تي اسين ٽول اوڳاڙي ڪري رهيا آهيون ۽ ان اوڳاڙي جا پيسا کاتي جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا وڃن ٿا. اتي موجود پي پي اڳواڻن امن جوکيو، حميد گل زهراڻي، نور حسين قيصراڻي ۽ ٻين ايم اين اي آڏو دانهيندي چيو ته هڪ طرف ٽول انتظاميه مقامي  ماڻهن کان زبردستي ٽول اوڳاڙي رهي آهي ته ٻئي طرف مقامي ماڻهن کي روزگار به نه ٿو ڏنو وڃي. جيڪڏهن ڪو مقامي ماڻهو ٽول ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو ته ٽول انتظاميه جا هٿياربند مقامي ماڻهن تي تشدد ڪن ٿا ۽ زبردستي ٽول اوڳاڙيو وڃي ٿو. هنن چيو ته روزاني ٽول تي 7 کان 8 لک روپيا اوڳاڙي ٿئي ٿي پر ٽول انتظاميه پنهنجي بالا آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري 3 کان 4 لک روپيا صرف جمع ڪرائين ٿا. باقي سڀ ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿا. ايم اين اي آغا رفيع الله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سسئي ٽول پلازه جي انتظاميه جون شڪايتون تمام گهڻيون وڌي ويون آهن. ٽول انتظاميه مقامي ماڻهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي ۽ زبردستي مقامي ماڻهن کان ٽول اوڳاڙيو وڃي ٿو. اهڙي شڪايتن تي اڄ ٽول تي آيو آهيان. هن چيو ته ورڪس اينڊ سروس جي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، ڊي سي ٺٽو ۽ ڊي سي ملير کي پڻ ان معاملي جي شڪايت ڪئي آهي. صوبائي وزير سيد ناصر شاهه يقين ڏياريو آهي ته سسئي ٽول تي مقامي ماڻهن کان زبردستي ٽول اوڳاڙي فوري طور تي بند ڪئي ويندي ۽ مقامي ماڻهن کي اتي روزگار جو موقعو پڻ ڏنو ويندو.  ايم اين اي آغا رفيع الله ٽول انتظاميه کي سختي سان تنبيهه ڪئي ته ڪنهن به مقامي ماڻهو کان ٽول نه اوڳاڙيو وڃي جيڪڏهن ٻيهر اهڙي شڪايت ملي ته اعليٰ اختيارين کي ان معاملي تي شڪايت ڪري توهان خلاف ڪاروائي ڪرائي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *