اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آصف زرداري ۽ عمران خان هارس ٽريڊنگ جا بادشاهه آهن، هن چيو ته ايمپائر جي اڱار تي ڌمال هڻندڙ ۽ ايٽ سان ايٽ وڄائيندڙ جماعت کان جواب طلب ڪرڻ گهرجي، اسان جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جو نوٽيس ورتو، چاهيون ٿا ته اهڙو قانون هجي جو مستقبل ۾ ڪير به هارس ٽريڊنگ نه ڪري سگهي. جڏهن به اداري پاران حد اورانگهي ويندي ان جو ري ايڪشن ايندو، آئين موجب سمورن ادارن جو اختيار جو دائرو مقرر ٿيل آهي، سمورن ادارن کي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، اربع تي اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جو نوٽيس ورتو، مريم اورنگزيب چيو ته هارس ٽريڊنگ جي صورت ۾ آرٽيڪل 220 تحت اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي سگهي ٿو، هن چيو ته 30 سينيٽن واري پارٽي 44 ووٽ کڻي ته شڪ ته پيدا ٿيندا، هن چيو ته اميدوار جي پنهنجي پارٽي ميمبرن کان وڌيڪ ووٽ کڻڻ هارس ٽريڊنگ جي ذمري ۾ اچي ٿو، اسان جو مطالبو آهي ته اليڪشن ڪميشن هارس ٽريڊنگ بابت جاچ ڪري.