ڪراچي (اسٽاف رپورتر) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن آصف زرداري کي ڪجهه ٿيو ته ان جي ذميواري حڪومت تي هوندي ٽيوٽر تي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زردري چيو ته صدر آصف علي زرداري جي صحت بابت اسان جي خاندان ۾ خدشا وڌي رهيا آهن اڃا تائين انهن کي ماهرن ۽ ذاتي ڊاڪٽرن جي پهچ ناهي ڏني ويئي جيڪڏهن آصف زرداري کي ڪجهه ٿيو ته ان جي ذميواري حڪومت هوندي هن چيو ته آصف زرداري جي گذريل هفتي جيل ۾ طبيعت خراب ٿي ويئي هئي جنهن تي کيس پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو هو اسپتال ذريعن مطابق گذريل ڏينهن آصف زرداري جي هارٽ بيٽ معمول مطابق نه هئي جنهن تي هارٽ بيٽ جي مانيٽرنگ شروع ڪئي ويئي آهي ذريعن موجب آصف زرداري اهي سموريون ٽيسٽون ڪليئر ٿيڻ تائين اسپتال ۾ رکڻ جو امڪان آهي اڳوڻو صدر ٻن هفتن کان پمز جي ڪارڊيڪ وارڊ ۾ داخل آهي.