آصف زرداري کي دل جي تڪليف وڌي وئي: حالت ڳڻتي جوڳي قرار: فريال ٽالپر کي ڀاءُ سان ملاقات جي اجازت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي اسپتال ۾ داخل اڳوڻي صدر آصف زرداري جي طبيعت دل جي تڪليف سبب وڌيڪ خراب ٿي وئي. فريال ٽالپر کي ڀاءُ آصف زرداري سان ملاقات جي اجازت ملي وئي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اعظم خان آصف زرداري سان ملاقات جي اجازت لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران نيب طرفان فريال ٽالپر جي درخواست تي ڪوبه اعتراض نه واريو ويو. عدالت پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر کي پنهنجي ڀاءُ آصف زرداري سان هڪ ڏينهن لاءِ ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي. ٻئي پاسي پمز اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري جي حالت تمام گهڻي خراب آهي، سندس دل جي تڪليف ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته دل جي تڪليف سبب آصف زرداري کي هلڻ ڦرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي، دل جي ڌڙڪن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ دل جي ڀرسان هڪ اوزار لڳايو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *