آصف زرداري کي بينظير جو مشن جاري رکڻ تي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: (م ڊ)  پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته آصف زرداري کي شهيد بي بي جو مشن جاري رکڻ جي ڪري انتقامي ڪارروائين جو نشانو بنايو پيو وڃي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو شهيد بي بي بينظير ڀٽو کي سندس 66 هين سالگرهه جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد محترمه بينطير ڀٽو ڌرتي جي عظيم ڌيءَ هئي، هوءَ هاڻ پاڪستانج جي روشن ۽ بينظير سڃاڻپ آهي، هوءَ آخري گهڙي  تائين عوام جي حقن ۽ پاڪستان جي سربلندي جي لاءِ جدوجهد ڪندي رهي.هوءِ پوري زندگي عزم، حوصلي ۽ صبر سان پنهنجي مشن تي ڪاربند رهي، شهيد بي بي جو مشن پاڪستان ۾ جمهوري نظام ۽ هڪجهڙائي تي ٻڌل معاشري جي جوڙ هئي، هن جو مشن حقيقت ۾ قائداعظم جي فڪر جي روشني ۾ شهيد ڀٽو جو مشن هو پر ٻه ڀيرا چونڊجڻ باوجود شهيد بي بي جي عوامي حڪومت کي هلڻ نه ڏنو ويو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڏکيائين باوجود هن ادارن جي مضبوط ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ قدم کنيا، شهيد بي بي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏني، پيپلز پارٽي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن تي سختي سان ڪاربند آهي جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف زرداري کي شهيد بي بي جو مشن جاري رکڻ جي ڪري انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *