ڪراچي(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڻ تي لڳل سمورا الزام رد ڪندي چيو آهي ته پهرين به اهڙن ڪيسن کي منهن ڏنو هاڻ به ڏيندس. خانگي ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سندس چوڻ هو ته اسان کي ڏيڍ ڪروڙ جو نوٽيس مليو آهي ۽ 35 اربن جو وڄايو پيو وڃي. آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته جيڪو ٿيڻ وارو آهي ان کي جمهوري طور تي روڪڻو اهي، اليڪشن جي بائيڪاٽ جي باري ۾ غور ناهيون ڪري رهيا، بائيڪاٽ ڪري ڪنهن کي موقعا نه ڏينداسين. هن چيو ته هي اليڪشن جو موقعو آهي، احتساب جو ناهي، احتساب اليڪشن کان پهرين يا بعد ۾ ٿيڻ گهرجي. اڳوڻي صدر چيو ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي سياست جو دارومدار حالتن تي ٻڌل آهي. آصف زرداري چيو ته جنهن کي حڪومت بڻائڻي آهي ان کي پيپلز پارٽي سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون ۽ پارٽي جنهن سان ڳالهيون ڪندي اهو ئي پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان جي لاءِ اهم هوندو. هن چيو ته منهنجو وڪيل ايف آءِ اي ۾ پيش ٿيندو.