آصف زرداري پاران عمران خان کي استعيفيٰ ڏئي گهر وڃڻ جو مشورو

اسلام آباد: (بيورو)  پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري وزيراعظم عمران خان کي استعيفيٰ ڏئي گهر وڃن جو مشورو ڏئي ڇڏيو.احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آصف زرداري چيو ته عمران خان جيڪڏهن ملڪي قرضن جي حوالي سان 1947ع کان ڪميشن نه ٿو ٺاهڻ چاهي ته گذريل 20 سالن جي ته ٺاهي ۽ جيڪڏهن عمران خان پهريان وارن جا پٽڪا نه ٿو لاهڻ چاهي ته مشآرف جي دور کان شروعات ڪري.آصف زرداري چيو ته عمران خان ڪيئن چيو ته ملڪ مستحڪم ٿي ويو؟ ڇا ماڻهن جون پگهارون وڌي ويون آهن؟ منهنجي ودر ۾ ته سڀني جون پگهارون وڌنديون هيون، عمران خان ڪجهه به چوندو رهي ٿو.آصف زرداري چيو ته پهريان عمران خان چيو هو ته پاڻ کي گولي هڻي ڇڏيندس سياست ۾ نه ويندس، پوءِ چيو خودڪشي ڪري ڇڏيندس آءِ ايم ايف نه ويندس، عمران خان جيڪڏهن منهنجو مشُرو مڃي ته استعيفيٰ ڏئي ۽ گهر وڃي.بجيٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته بجيٽ جي منظوري جو دارومدار اختر مينگل تي آهي هو ڪٿي ويهي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *