ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ جعلي ۽ ڪوڙي آهي آصف زرداري رڳو هڪ اشارو ڏي ته اسان حڪومت کي هڪ هفتي ۾ ڪيرائي سگهون ٿا ۽ کين جيل موڪلي سگهون ٿا. هنن جي حڪومت ته 6 ووٽن تي بيٺا آهي بي ٽي آءِ جو وزير رات 2 وڳي تائين ايف آءِ اي جي آفيس ۾ ويٺو رهيو جي آءِ ٽي رڳو بهانو هو ۽ اصل نشانو سنڌ حڪومت هئي منهنجي خلاف ڪرپشن جو هڪ الزام به ناهي عدالت ۾ ڪيس ڀرپور نموني سان وڙهدناسين ۽ سازش بي نقاب ڪنداسين سومر تي بلاول ڀٽو زرداري ايم ڪيو ايم جي مقتول اڳواڻ علي رضا عابدي جي گهر پهتو هن علي رضا عابدي جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته علي رضا عابدي جو قتل مذمت جوڳو آهي هو نوجوان سياستدان هو ان جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي علي رضا عابدي جهڙن سياستدان جي هن شهر کي ضرورت آهي ملڪ ۾ هن وقت دهشتگردي وڏو مسئلو آهي پر اسان جو ڌيان ڪنهن ٻئي هنڌ آهي هن چيو ته علي رضا عابدي جو قتل ڪراچي لاءِ وڏو نقصان آهي ڪراچي کي اهڙن نوجوانن جي سخت ضرورت آهي امن امان جي صورتحال بابت سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائيندس هن چيو ته حڪومت ۽ جي آءِ ٽي جو ڪٺجوڙ هاڻي بينقاب ٿيندو پيو وڃي جي آءِ ٽي رپورٽ جعلي ۽ ڪوڙي آهي هن رپورٽ تي عدالت ۾ قانون موجود وڙهنداسين ۽ هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته اسان جو ڌيان دهشتگردي جهڙن مسئلن تي هئڻ گهرجي ڪراچي کي هن وقت مثبت سياستدانن جي ضرورت آهي هن چيو ته جيڪي چاهين ٿا ته ڪراچي جا مسئلا حل نه ٿين اهي اصل ۾ چاهين ٿا ته ڪراچي جو وڏو وزير تبديل ڪيو وڇي پر سنڌ جو عوام ايئن ٿيڻ نه ڏيندو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته اسان پنج سال وفاق ۾ رهياسين ۽ 10 سال صوبي ۾ حڪومت ڪئي هڪ ڀيرو به بلاول ڀٽو تي ڪرپشن جو سوال ناهي اٿاريو ويو فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري جي خلاف داخل ڪيس جي حواليس ڳالهائيندي هن چيو ته آصف زرداري جي خلاف ڪيترا ڪيس ٿيا هن 11 سال جيل ۾ گذاريا هر ڪنهن ۾ باعزت بري ٿيو هن ڪيس ۾ به باعزت بري ٿيندو سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته آصف علي زرداري جي هڪ اشاري تي اسان هڪ هفتي اندر وفاقي حڪومت ڪيترائي سگهون ٿا پر هنن حڪمرانن کي جيلن ۾ به موڪلي سگهون ٿا وفاق ۾ هنن جي رڳو ڇهن سيٽن جي سرسي آهي ۽ پنجاب ۾ ان کان به گهٽ اڪثريت آهي اسان پنجاب حڪومت ڪيرائڻ جي به صلاحيت رکون ٿا پ پ پ جي سنڌ اسيمبلي ۾ 99 سيٽون آهن ۽ پي ٽي آءِ کي صوبائي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ 45 ميمبرن کي ٽوڙڻو پوندو جڏهن ته قانونسازي لاءِ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ گهربل هوندا آهن. ان لاءِ پي ٽي آءِ جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو.