آصف زرداري سان خورشيد شاهه جي ملاقات، فوجي عدالتن جي قيام سميت وڌيڪ معاملن تي ڳالهيون

ڪراچي (اين اين آءِ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وچ ۾ جمعي تي بلاول هائوس ۾ ملاقات ٿي آهي ملاقات ۾ فوجي عدالتن جي قيام پانامه ليڪس ۽ آپريشن ردالفساد سميت وڌيڪ معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي آصف زرداري چيو ته آپريشن رادالفساد ۾ اهم ڪاميابي ملندي نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪيو وڃي ها ته امن امان جي صورتحال ايتري خراب نه هجي ها دهشتگردي هن وقت خطرناڪ شڪل اختيار ڪري چڪي آهي هن چيو ته جيڪڏهن نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ٿئي ها ته اڄ امان امان جي صورتحال اهڙي نه هجي ها سيد خورشيد شاهه چيو ته پ پ پ هميشه دهشتگردي جي خلاف آواز اٿاريو آهي وڏي ايوان ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورين پارٽين سان گڏجي آواز اٿاريندا رهنداسين ذريعن موجب پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت پانامه ڪيس جي محفوظ فيصلي سميت دهشتگردي ۽ آپريشن ردالفساد بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *