اسلام آباد: (بيورو) احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف پارڪ لين ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب احتساب عدالت آصف زرداري خلاف پارڪ لين ڪيس 19 آگسٽ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو آهي جنهن ۾ اڳوڻي صدر کي به طلب ڪيو ويو آهي.ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت اسلام آباد جو جج محمد بشير ڪندو جنهن جي لاءِ ٻين 16 جوابدارن کي پڻ طلبي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.