اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طبي بنيادن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي صدر آصف علي زرداري جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.عدالت آصف زرداري جي ضمانت هڪ ڪروڙ روپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪندي کيس ضمانتي مچلڪا داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻي پاسي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته نيب ۽ حڪومت جو ڳٺ جوڙ اسان کي دٻائڻ چاهي ٿو پر اسان اهڙي قسم جي هٿڪنڊن ۾ نه اينداسين.پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحافين سان ڳالهائنيدي چيو آهي ته معزز جج صاحبن جا ٿورائتا آهيون جنهن اسان سان انصاف ڪيو. فريال ٽالپر جي ڪيس ۾ اسان کي هاڻ انتظار ڪرڻو پوندو.نيب ۽ حڪومت جو ڳٺ جوڙ اسان کي دٻائڻ جي لاءِ آهي پر اسان اهڙي قسم جي هٿڪنڊن ۾ نه اينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آصف زرداري شڪاري آهي جيڪو ٻاهر اچي ويو آهي ۽ هاڻ هو رانديگر جي شڪار لاءِ نڪرندو. هي سال حڪومت جو آخري سال آهي جڏهن ته ايندڙ سال ۾ عوامي حڪومت ٺاهي رهنداسين.نااهل حڪومت کي ملڪ هلائڻ نٿو اچي. هن حڪومت معيشت ۽ سياست کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي هنن کي ڪشمير جو دفاع ڪرڻ به نٿو اچي.واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي طبي بنيادن تي ضمانت منظور ڪندي کيس رها ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.