آصف زرداري جو وڏي وزير سان گڏجي ٿرڪول فيلڊ جو دورو،پاور پلانٽ جو جائزو ورتو،بريفنگ
May 26, 2017 at 5:13 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي/ٿرپارڪر (اسٽاف رپورٽر/ايجنسيون) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان گڏجي ٿرڪول فيلڊ جو دورو ڪيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٿرڪول فيلڊ پهچڻ تي ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ چونڊيل نمائندن آجيان ڪئي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ ٿرڪول فيلڊ بلاڪ ٽو ۾ مائنز ۽ پاور پلانٽ جو جائزو ورتو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کي رٿا بابت آگاهي ڏني. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته ٿرڪول فيلڊ فيز ون جو بلاڪ ٽو هڪ سئو اسڪوائر ڪلو ميٽرن تي پکڙيل آهي، ان بلاڪ ۾ سنڌ حڪومت پنجن مختلف ڪمپنين سان ڀائيواريءَ تحت مائنز ۽ پاور پلانٽ لڳائي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت، اينگرو ڪارپوريشن، حبڪو، هائوس آف حبيب، چائنيز ڪمپني (سي ايم اي سي) سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. وڏي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته مائنز ۽ پاور پلانٽ لڳائڻ جو معاهدو چائنيز ڪمپني سي ايم اي سي سان آهي. هن چيو ته فيز ون ۾ مائنز ڪرڻ سان 3.8 ايم ٽي ڪوئلو ساليانو ڪڍيو ويندو، ان ڪوئلي مان 660 ميگاواٽ بجليءَ جي پيداوار ٿيندي. ان رٿا تي ڪل لاڳت 1.8 بلين ڊالر آهي ۽ اها رٿا جون 2018ع تائين مڪمل ڪئي ويندي. وڏي وزير ٿرڪول فيلڊ فيز ٽو بابت ٻڌايو ته ان جي مائنز مان 7.6 ايم ٽي ڪوئلو ساليانو ڪڍيو ويندو، ان جي ٻن پلانٽس مان 330 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار ٿيندي. وڏي وزير ٻڌايو ته ان مائنز تي 200 ملين ڊالرز جا لاڳت ايندي جڏهن ته بجليءَ جي پيداوار جي منصوبي جي لاڳت هڪ بلين ڊالر هوندي ۽ اها فيز ٽو منصوبو ڊسمبر 2021ع ۾ مڪمل ٿيندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته ٿرڪول فيلڊ جي فيز ٿري رٿا تحت ساليانو 13 ايم ٽي ڪوئلو ڪڍيو ويندو، جنهن جي لاڳت 500 ملين ڊالر هوندي. وڏي وزير چيو ته ان رٿا ۾ 660 ميگاواٽ ۽ 330 ميگاواٽ جا ٻه منصوبا لڳايا ويندا، جن جي لاڳت 1.5 بلين ڊالر هوندي ۽ اها رٿا 2021ع مڪمل ٿيندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته انهن رٿائن ۾ عارف حبيب ڪمپني شيئر هولڊر آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته ٿرڪول فيلڊ جي فيز فور رٿا تحت مائنز جي مقدار 19 ايم ٽي ٿي ويندي، ان رٿا تحت ٽي پاور پلانٽ لڳايا ويندا جيڪي 330 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندا ۽ ان پاور پلانٽ جي لاڳت 1.5 بلين ڊالر هوندي، جڏهن ته مائنز جي لاڳت 500 ملين ڊالر هوندي ۽ ان رٿا ۾ به عارف حبيب ڪمپني شيئر هولڊ آهي. ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کي سنڌ ڪول مائننگ ڪمپني جي چيئرمين خورشيد جماليءَ فيز ون ۾ لڳندڙ پاور پلانٽ جي ٽيڪنيڪي حوالي سان آگاهه ڪيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ مائنز ۽ پاور پلانٽ جي جلد لڳائڻ ۽ تيز رفتار ڪم ڪرڻ تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ذاتي دلچسپي ۽ اڳوڻي صدر قائم علي شاهه ۽ سمورن پارٽنرز جي ساراهه ڪئي. سيد مراد علي شاهه اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کي آگاهه ڪيو ته اهو ڪم اوهان جي صدارتي دور دوران عمل ۾ آيو جنهن ۾ اوهان جي رهنمائي شامل آهي. هن چيو ته ان رٿا تي عملدرآمد وارو ڪم بعد ۾ شروع ٿيو پر هاڻي اهو تڪميل ڏانهن تيزيءَ سان روان دوان آهي. وڏي وزير چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي رهنمائي ۾ اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ کي اونڌائي مان ڪڍي روشنيءَ ڏانهن وٺي وڃون. ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ چيو ته انشاءَ الله پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سموري ملڪ کي روشني، صنعتي ترقي ۽ روزگار فراهم ڪندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ مجموعي طور تي قدرتي وسيلن ڪوئلي، گيس، تيل، ونڊ انرجي ۽ شمسي توانائي جي بدولت پهرئين نمبر تي آهي جيڪڏهن وفاق سهڪار ڪري ته سنڌ توانائيءَ جي شعبي ۾ انقلاب آڻي سگهي ٿو.