اسلام آباد: (بيورو) اڳوڻي صدر آصف زرداري جعلي اڪائونٽس ڪيس جي احتساب عدالت منتقلي چيلينج ڪري ڇڏي.رپورٽ موجب پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري بينڪنگ عدالت مان جعلي اڪائونٽس ڪيس جي اهتساب عدالت منتلقي چيلينج ڪري ڇڏي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جعلي اڪائونٽس جو معاملو بينڪنگ ڪورٽ جي دائري ۾ اچي ٿو، ان ڪري ان کي احتساب عدالت کي منتقل ڪرڻ جو ڪوبه قانوني جواز ناهي، تفصلي سببن سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ چاهيون ٿا.ايڊووڪيٽ فاروق ايڇ نائيڪ اپيل داخل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کان لکت ۾ مهلت گهري جنهن کانپوءِ رجسٽرار آفيس اپيل داخل ڪرڻ لاءِ ٻن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي.