آصف زرداري بلوچستان ۾ هارس ٽريڊنگ جي خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي: سعد رفيق

اسلام آباد (اين اين آءِ) ريلوي جي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته آصف زرداري بلوچستان ۾ هارس ٽريڊنگ جي خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي جڏهن ته جمهوريت جي لباس ۾ سينيٽ ميمبرن جي خريد ۽ وڪرو جي خطرناڪ راند کيس نه کيڏڻ ڏينداسين ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته آصف زرداري جي بلوچستان جي ڪٺپتلي وزيراعليٰ سان ملاقات، سينيٽ اليڪشن ۾ شرمانڪ هارس ٽريڊنگ جي شروعات آهي بلوچستان ۾ تبديلي حقيقت ۾ جمهوريت جي گلاف ۾ ويڙهيل خريد ۽ وڪرو آهي آصف علي زرداري بلوچستان مان سينيٽ سيٽون وٺڻ لاءِ جمهوريت دشمن سوچ جو ساٿ ڏنو هن چيو ته آصف زرداري ڀٽو جي پيپلزپارٽي کي خريداري جي بازار بڻائي ڇڏيو آهي هن پنهنجي ڀيڻ کي چيئرمين سينيٽ بڻائي نظام تي مڙجڻ چاهي ٿو سينيٽ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ آصف زرداري هر جماعت جي ميمبرن کي خريد ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ ٻيون جمهوري طاقتون هارس ٽريڊنگ جو رستو روڪينديون جڏهن ته تحريڪ انصاف خبردار رهي ڇو ته ان جا ميمبر به آصف زرداري جي سوديبازي جي نشاني تي آهن آصف زرداري جي ڪرپٽ سوچ ميثاق جمهوريت جا بکيا اڍيڙيا هن چيو ته بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي ۾ پ پ پ جي ڪابه سيٽ نه آهي قيوم سومرو ڪٺپتي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪريل راند جو حصو رهيو جڏهن ته گذريل سينيٽ اليڪشن ۾ به آصف زرداري خريد ۽ وڪرو جي ڪوشش ڪئي پر وڌيڪ ڪاميابي نه ملي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *