آصف زرداري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ضمانت جون درخواستون واپس وٺي ڇڏيون

اسلام آباد: (بيورو)  پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ضمانت جون درخواستون واپس وٺي ڇڏيون.جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ پارڪ لين ۽ بلٽ پروف گاڏين جي ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي آصف علي زرداري هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ضمانت جي درخواست واپس وٺي ڇڏي. آصف علي زرداري عدالتي ڪمري ۾ روسٽرم تي بيان ڏيندي چيو ته جاچ دوران خبر پئي ته هڪ عمارت لاءِ مون تي قرض وٺڻ جو الزام آهي پر مان ڪو به قرض حاصل نه ڪيو آهي، جاچ آفيسر مون کي ڪو به اهڙو دستاويز نه ڏيکاريو آهي جنهن تي منهنجي صحيح هجي، اهڙي ڪابه درخواست موجود ناهي جيڪا مان قرض لاءِ ڏني هجي پر ڪو به قانون مون کي قرض وٺڻ کان روڪي نه ٿو سگهي. اڳوڻي صدر چيو ته جمهوريت لاءِ ٻيهر جدوجهد تي تيار آهيان ڪنهن کي شرمسار نه ٿو ڪرڻ چاهيان، فريادي چوي ٿو ته مان ڪمپني قائم ڪئي، ڪمپني ٺاهڻ کان ڪو به مون کي روڪي نه ٿو سگهي پر منهنجي قرض وٺڻ جو ڪو به ثبوت ناهي، منهنجي خلاف جعلي ڪيس ٺاهيا ويا، مون کي پهريون به اٺن سالن کانپوءِ آزاد ڪيو ويو، بي ايم ڊبليو ڪيس منهنجي خلاف ٺاهيو ويو، هيٺ مٿانهين پهريون به ڏسي چڪو آهيان، مان ڪيس واپس وٺان ٿو ۽ مان ڪنهن کي شرمسار نه ٿو ڪرڻ چاهيان.ضمانت جي درخواست واپس وٺڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر ۽ پ پ اڳواڻ آصف علي زرداري جي پارڪ لين ڪيس ۾ به گرفتاري ڪئي ويندي، نيب پارڪ لين ڪيس ۾ آصف زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري رکيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *