آصف زرداري ، بلاول ، فريال ٽالپر ،، سيد خورشيد شاھ سان مقابلو ڪري شڪست ڏينداسين؛راشد محمود سومرو

شڪارپور ( رپورٽ : عتيق ڌڪڙ ) آصف علي زرداري ، بلاول ڀٽو ، ميڊيم فريال ٽالپر ، آصفه ڀٽو ، سيد خورشيد شاھ سان مقابلو ڪري شڪست ڏينداسين ، 2018 جي الڪيشن ۾ شڪارپور کان ڪراچي ، ڪراچي کان سڄي ملڪ تي متحده مجلس عمل جي حڪومت هوندي ، ايم ايم اي ٺهڻ سان ملڪ اندر فرقيواريت هوا پکيڙيندڙ ڌرين کي شڪست ملي آهي ، ايم ايم اي جي مرڪزي ۽ صوبائي تنظيم سازي بعد اسين سنڌ جي 29 ضلعن مان اڄ تائين پنج ضلعا مڪمل ڪيا آهن ، تنظيم سازي مڪمل ٿيڻ بعد مرڪزي ، صوبائي ۽ ضلعي سطع تي پارلياميني بورڊ جوڙيا ويندا جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ اندر عوامي رابطا مهم شروع ڪيو ويندو جنهن جي پهرين شروعات 2 مئي ته ايم ايم اي پاران اسلام آباد ڪنوينشن سينٽر ۾ ورڪرس ڪنوينشن ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ملڪ جي تمام ضلعن ۽ صوبن جا عهديدار شريڪ ٿيندا ، اهڙن خيالن جو اظهار ايم ايم اي سنڌ جي صدر مولانا راشد محمود سومرو ڪالھ شڪارپور جيم خانه ڪلب ۾ ايم ايم اي جي ضلعي عهديدارن جي چونڊن بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ، ان موقعي تي ايم ايم اي جا صوبائي اڳواڻ محمد اسلم غوري ، ممتاز سهتو ، رياض الحسين الحسيني ۽ ٻِيا ساڻس گڏ هئا ، هن وڌيڪ چيو ته سڄي  سنڌ اندر عوام ظلم جي چڪي ۾ پسيجي رهيو آهي شڪارپور جي ماڻهن 2016 جي ضمني چونڊن ۾ ظلم جي بتن کي ڪيرايو هو پر حڪومت پ پ جي هئي جنهن ڪري اسان کان شڪارپور جي صوبائي سيٽ کسي وئي پر هاڻي پر 2018ع جي چونڊن ۾ ايم ايم جي پليٽ فارم تان ڪراچي کان ڪشمور تائين عوام کي سٺا اميدوار مهيا ڪنداسين جيڪي عوام جي طاقت سان ڪامياب ٿي قوم جي خدمت ڪندا ، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر مها ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي ، سنڌ اندر هن مهل به بارداڻو آبادگارن بجاءِ ايم پي اي ، ايم اين اي جي بنگلن تان مليل لسٽ مطابق ڏني وڃي ٿي ، هن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي اندر 2013 جي چونڊن ۾ پ پ اميدوار جي ڀيٽ ۾ اپوزيشن پارٽين جي اميدوارن ووٽ وڌيڪ آهن تنهن کي مد نظر رکندي جي يو آءِ سميت پ پ مخالف پارٽين لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جوڙيو آهي جيڪي پ پ اميدوارن جو مقابلو ڪندا، اسين  ايم ايم اي ۾ شامل ٻين پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي لاڙڪاڻي اندر گڏجي پيپلن جو مقابلو ڪنداسين ، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪتي جي قبر وارو علائقو سنڌ جي يوسي آهي جنهن تي بلوچستان جي واويلا اجائي آهي. ان موقعي تي موجود جي يو آءِ جي مرڪزي ۽ ايم ايم اي جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد اسلم غوري هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو کان سيڪيورٽي واپس وٺي سنڌ حڪومت اسان جي شڪ کي پڪ ۾ تبديل ڪيو آهي ته شهيد خالد محمود سومرو جي قتل ۾ سنڌ حڪومت ملوٽ آهي ، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مولانا راشد محمود سومرو ۽ سندس ڀائرن کي ڪجھ به ٿيو ته ان جي سڌي سئين ايف آءِ آر وزير اعلى سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ وزير داخلا سنڌ سهيل انور سيال مٿان داخل ڪئي ويندي ، ان کان اڳم ايم ايم اي ضلعي شڪارپور جا عهديدار چونڊيا ويا جنهن ۾ صدر مولانا عبدالله پهوڙ ( جي يو آءِ ) نائب صدر مولانا صدر الدين مهر ( جماعت اسلامي ) ، مولانا محمد رمضان قادري ( جي يو پي ) ، مولانا صفي الله سهندڙو (مرڪزي جمعيت اهلحديث ) ، مولانا مختار علي کوهارو ( اسلامي تحريڪ ) ، جنرل سيڪريٽري علي احمد ٻرڙو ( اسلامي تحريڪ ) ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽريز سيد ولي الله شاھ امروٽي ( جي يو آءِ ) ، مولانا عبدالعزيز ڀٽو ( جماعت اسلامي ) ، حافظ مسعود احمد قادري ( جي يو پي ) ، جميل الرحمن سهندڙو ( مرڪزي جمعيت اهلحديث ) ، سيڪريٽري اطلاعات رشدالله شاھ امروٽي ( جي يو آءِ ) ، خزانچي مولانا عبدالله مهر ( جي يو آءِ ) چونڊيا ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *