آصف زرداريءَ جو پنجاب ۾ سياسي محاذ گرم ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (م ڊ) پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي صدر آصف علي زرداريءَ سياسي محاذ گرمائڻ جي لاءِ ڪيترن ئي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پرپٺ جوڙ ٽوڙ جو محاذ آصف علي زرداري جڏهن ته فرنٽ ۾ جلسن جو محاذ بلاول ڀٽو زرداري سنڀاليندو، سياسي جماعتن سان ايڊجسٽمينٽ جي پاليسيءَ تي به فوري رابطن جي شروعات جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پيپل زپارتي جي بلاول هائوس لاهور ۾ اعليٰ سطهي مشاورت ۾ آصف علي زرداريءَ پارٽي جي ايندڙ سياسي لائحه عمل جي لاءِ ڪيترن ئي فيصلن جي منظوري ڏني، پيپلز پارتي پارليامينٽيرين جيمرڪزي نائب صدر ميان منظور وٽو، وچ پنجاب جي صدر قمر الزمان ڪائرا، اڳوڻي دفاع واري وزير چوڌري احمد مختار، قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر نواز کوکر، اڳوڻي وفاقي وزير ثمينه خالد گھرڪي، حاجي عزيز الرحمان چن، جنرل سيڪريتري پنجاب نديم افضل چن، اطلاعات سيڪريٽري پنجاب مصطفيٰ نواز کوکر ۽ ٻين  اڳواڻن سان مشاورتي ملاقات ۾ طئي ڪيو ويو ته پ پ هاڻي ڀرپور انداز ۾ سياسي مهاذ گرم ڪندي. آصف زرداري سڄي پنجاب ۾ بلاول ڀُٽي جي سياسي جلسن جي منظوري ڏني. آصف علي زرداريءَ پردي پويان جوڙ ٽوڙ ۽ سياسي جمعاتن سان رابطا ڪندو جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري فرنٽ فٽ تي سياسي محاذ سنڀاليندو ۽ ڀرپور جلسا ڪندو. پهرين مرحلي ۾ پنجاب جي هر ڊويزن ۾ جلسا ٿيندا، ٻئي مرحلي ۾ ضلعي سطح تي جلسا ٿيندا، جن جن ڊويزنن ۾ تنظيمون مڪمل ٿي چڪيون اتي جلسن جو شيڊول ڏنو ويندو، ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي کان پوءِ پيپلز پارتي سياسي ميدان سجائيندي.36

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *