ڪراچي (م ڊ) عام چونڊن ۾ نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جاري رهي. مشرف، عائشه گلالئي،فاروق ستار،عمران خان ۽ ٻين جا فارم رد ٿي ويا. آصف زرداري ۽ بلاول ۽ ٻين جا فارم بحال ٿي ويا آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 213 تي ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف مختلف ماڻهن پاران داخل ڪرايل سمورا اعتراض رد سندس فارم بحال فلڪشير اوڏ جو وڪيل نه پهتو عدالت وڌيڪ وقت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ضلعي شهيد بينظير آباد جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 213 تان پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداري پاران اميدوار طور ڀرايل فارم جي ڇنڊ ڇاڻ جو اڄ آخري ڏهاڙو هو انهي موقعي تي آر او محبوب اعواڻ جي عدالت ۾ آصف علي زرداري پاران نامياري قانون دان ۽ اڳوڻي چيئرمين سينيٽ فاروق ايڇ نائڪ، ايڊوڪيٽ ضياءُ الحسن لنجار، ايڊوڪيٽ ابوبڪر زرداري به پيش ٿيا انهي موقعي تي عدالت آصف زرداري خلاف اعتراض داخل ڪرائيندڙ ايس يو پي اڳواڻ فلڪ شير اوڏ کان سندس وڪيل ۽ ثبوتن جو پڇاڻو ڪيو جنهن تي فلڪ شير اوڏ چيو ته منهنجو وڪيل وقت تي حاضر ٿيڻو هو خبر نه آهي کيس ڪنهن ڌمڪيون ڏنيون آهن يا ڪو ٻيو مسئلو آهي انهي ڪري اسان کي وقت ڏنو وڃي جنهن تي عدالت چيو ته اڄ اوهان لاءِ آخري موقعو هيو مخالف وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته قانون ۽ آئين موجب ڪنهن به تڪ جو صرف ووٽر اعتراض داخل ڪري ٿو فلڪ شير اوڏ اين اي 213 جو ووٽر نه آهي انهي ڪري سندس اعتراض ٻڌڻ جوڳو ئي نه آهي.شهيد بينظير آباد جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 213 تان سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جو فارم آر او بحال ڪري ڇڏيو فارم جي بحالي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سنڌ جا خدمت گذار ۽ ڌرتي جا وارث آهيون ۽ اسان جي سياست جو نصب العين سنڌ ۽ سنڌي جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي. قاسم آباد ۾ جلال شاهه دودي مهيري ۽ ٻين جا فارم بحال ٿي ويا، ايندڙ عام چونڊن لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، پي ٽي آءِ کان ڌار ٿيل عائشه گلالئي ۽ مسلم ليگ ن جي ميمبر مهتاب عباسي جا قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 53 تان جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ حلفي بيان جي شڪ”اين“ جي تحت طئي ٿيل طريقڪار جي پورو نه لهڻ تان رد ڪيا ويا. ريٽرننگ آفيسر موجب چئني اميدوارن پنهنجي تڪ ۾ عوام جي مفاد جي ڪمن جا تفصيل نه ڏنا هئا. يا د رهي ته جسٽس اينڊ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار عبدالوهاب جي طرفان عمران خان جي خلاف اعتراض ريٽرننگ آفيسر کي جمع ڪرايا ويا. آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه پرويز مشرف جو اين اي هڪ چترال تي نامزدگي فارم رد ڪيو ويو آهي.نجي ٽي وي مطابق اڳوڻي صدر پرويز مشرف پاران اين اي هڪ چترال لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرايو ويو هو، جنهن کي رٽرننگ آفيسر رد ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي آل پاڪستان مسلم ليگ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر امجد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته پرويز مشرف نااهل هئڻ سبب چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندو پر ان باوجود پارٽي عام چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي.هوڏانهن حبيب جا ن، شفقت شاهه شيرازي، عائشه گلالئي جا فرم به رد ٿي ويا آهن. هوڏانهن سعيد غني جا فام منظور ٿي ويا آهن. 0329