ڪنهن جو نالو نه وٺندس پر ٽيم ۾ وڏو بدلاءُ اچڻ گھرجي: انضمام الحق

January 27, 2017 at 11:27 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪي ٽيم جي سليڪشن ڪميٽيءَ جي چيئرمين انضمام الحق چيو آهي ته سيريز دوران ڪنهن کي ڪابه صلاح نه ٿو ڏئي سگھان، اڃا ڪپتان بدلائڻ بابت لاءِ ڪا به صلاح ناهي ڏني، ٽنهي فارميٽن جو ڪپتان هڪ ئي هجڻ گھرجي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو مان مصباح کي چيف سليڪٽر جي حيثيت سان چئي سگھان ٿو، مصباح سمجھد وارو آهي، پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندو، سڀن جي صلاح ۽ ڪارڪردگيءَ جي ڏڍ تي ٽيم چونڊي ويندي آهي، آسٽريليا خلاف سيريز جي لاءِ بهترين رانديگرن جي چونڊ ڪئي هئي، رانديگرن ۾ فٽنس ليول جي کوٽ آهي، سٺي پرفارمنس ڏيندڙ رانديگرن کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو، جنهن فرسٽ ڪلاس ۾ پرفارمنس ڏيکاري ان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو، ڪنهن جو نالو نه وٺندس پر ٽيم ۾ وڏا بدلاءَ ٿيڻ گھرجي

اي پيپر