اسلام آباد: (بيورو) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل توهين رسالت ڪيس ۾ آزادي ماڻيندڙ آسيه بي بي جي ملڪ ڇڏڻ جي تصديق ڪندي چيو ته آسيه بي بي آزاد شهري هئي اها پنهنجي مرضي سان هلي وئي آهي.اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارت طرفان دفاعي بجيٽ ۾ اضافو خطي کي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارتي فوج شوپيان جي علائقي ۾ 3 ڪشميرين کي شهيد ڪيو. جڏهن ته والاريل ڪشمير صحافين جي لاءِ خطرناڪ ترين علائقو آهي. هن چيو ته ڀارت کي خبر هئڻ گهرجي ته رڳو بجيٽ ۾ اضافو ڪجهه نه هوندو آهي.سندس چوڻ هو ته 27 فيبروري تي دفاعي بجيٽ ۾ اضافي جي اهميت جي ته خبر پئجي وئي هوندي، پنهنجي وطن جي سلامتي جي حفاظت جو جذبو اهم هوندو آهي، ڀارتي هاءِ ڪمشنر جي پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقات معمول جي رابطن جو حصو هئي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ جو معاملو کڻڻ جي ذميواري آهي، پاڪستان ڀارت سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو. هن چيو ته لبيا ۾ صورتحال تمام گهڻو خراب آهي، اقتدار جي جنگ جاري آهي، پاڪستاني مشن لبيا ۾ پنهنجي شهرين جي حفاظتي مدد لاءِ قدم کنيا ويا آهن، لبيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي سفارتخاني رجسٽرڊ ڪيو آهي.