آزادي ڏهاڙي جي تقريب 17 سالن کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندي

August 14, 2017 at 7:18 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي 17 سالن کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ۾ آزادي ڏهاڙي جي تقريب ملهائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جي تجويز سينيٽ جي چيرمين رضا رباني ڏني هئي. سينيٽ جي اختيارن موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي هڪ ڏينهن سينيٽ چيرمين کي آزادي ڏهاڙي جي تقريب پارليامينٽ هائوس منتقل ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو ۽ هاڻِي شريڪ ٿيندڙن جي لاءِ پاسز ۽ميڊيا کي دعوت ڏيڻ سميت تقريب جا سمورا انتّظام ڪيبينٽ ڊويزن ڪندو، ياد رهي انکان اڳ آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي جھنڊي ڦڙڪائڻ جي تقريب ڪنوينشن سينٽڙ اسلام آباد ۾ ڪئي ويندي هئي. جڏهن ته سينيٽ جي چيرمين تقريب پارليامينٽ هائوس م ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، سينيٽ جي چيرمين 19 جون تي وزيراعظم کي خط لکيو ته جھنڊي ڦڙڪائڻ جي تقريب ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد جي بدران پارليامينت هائوس م ڪئي وڃي. جنهنجو مقصد ان ڳالهه کي اجاگر ڪرڻ هيو ته رياست پنهنجي اختييارن جو استعمال عوام جي چونڊيل نمائندن جي ذريعي ڪندي آهي، هن چيو ته آمرن عوام کان منهنجو حق حڪمراني جو کسيندي ان خاص تقريب کي بند ڪمرن تائين محدود ڪري ڇڏيو هو. رضا رباني، صدر ۽ وزيراعظم کي پارليامينٽ هائوس ۾ تعمير يادگار جمهوريت کي گل چاڙهڻ جي دعوت ڏني آهي.

اي پيپر