آزادي مفت ۾ ناهي ملندي، ان جي قيمت ڌرتي جا پٽ ادا ڪندا آهن: آرمي چيف

اسلام آباد (بيورو) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته آزادي مفت ۾ نه ملندي آهي، ان جي قيمت ڌرتي جا پُٽ ادا ڪندا آهن. اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي ٻن جوانن جي شهادت تي آرمي چيف شهيدن کي سلام پيش ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان  ميجر جنرل آصف غفور ٽوئيٽ ذريعي آرمي چيف جو بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته اسان اڄ آزاد آهيون ته پنهنجي بهادر پُٽن جي ڪري آهيون، آزادي مفت ۾ ناهي ملندي، ان جي قيمت ڌرتي جا پُٽ ادا ڪندا آهن. واضح رهي ته اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ سڪينڊ ليفٽننٽ عبدالمعيد ۽ سپاهي بشارت شهيد ٿي ويا هئا.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *